دادا روچيرام ٿانواڻي

دادا روچيرام ٿانواڻي

دادا روچيرام ٿانواڻي

دادا روچيرام ٿانواڻي: تحريڪ آزاديءَ جو اڳواڻ، تعليمدان، امن جو پرچارڪ دادا روچيرام ٿانواڻي ولد سچانند ڦيرومل، 8 آگسٽ 1916ع تي هالاڻيءَ (اڳوڻي ضلعي نوابشاهه) ۾ جنم ورتو. هن جي والده جو نالو شريمتي شيوي هو. دادا روچيرام جو شمار محب وطن ۽ سچن انسانن ۾ ٿئي ٿو، هن تحريڪ آزاديءَ ۾ هر طرح سان پاڻ ملهايو. سندس پيءُ پڻ آزاديءَ جو سچو پرستار هو، هن هڪ بنگالي نوجوان کي انگريزن پاران ڦاهي چاڙهڻ تان سرڪاري نوڪريءَ تان استعيفا ڏني هئي. هن جو پيءُ 1931ع ڌاري انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس سنڌ جو وائيس پريزيڊنٽ رهيو ۽ 1919-1930ع دوران جيل ۾ به ويو ۽ انگريزن جون عقوبتون سٺائين. سندس والده 1925ع ڌاري آيل زلزلي دوران ڪوئيٽا ۾ وفات ڪري وئي. هيءُ انٽر تائين پڙهي سگهيو. 1929ع ۾ سندس شادي ڪنڊياري مان ٿي، سندس گهرواريءَ جو نالو ڪملا هو، جنهـن پـڻ دادا روچـيــرام سان آزاديءَ جـي هـلـچـل ۾ ڀـرپــور حـصـو ورتـو. 24 آگسٽ 1947ع تي نوابشاهه ۾ هڪ اڻ وڻندڙ واقعو پيش آيو، جنهن ۾ ڪن سکن کي قتل ڪيو ويو. ان واقعي سنڌ جي هندن ۾ خوف جي لهر پيدا ڪري ڇڏي. اهڙيءَ صورتحال ۾ دادا روچيرام پنهنجي انقلابي سنگتيءَ کي ساڻ ڪري ڪراچيءَ وڃي تنهن وقت جي وڏي وزير سان مليو ۽ کيس هندن سان پيش ايندڙ واقعن جي خبر ڏني، پر ان وٽان خاطر خواه موٽ نه ملڻ ۽ تنهن وقت جي ڪليڪٽر مسعود پاران پڻ ڪنهن به قسم جو تحفظ فراهم نه ڪرڻ جي ڪري سنڌي هندن هندستان وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو. ان دوران ريل ذريعي هندستان ويندڙ سکن تي شاهپور چاڪر ريلوي اسٽيشن تي حملو ڪيو ويو ۽ وڏي تعداد ۾ سک مارجي ويا. ان هوندي به دادا روچيرام سنڌ نه ڇڏي ۽ وري ٻيهر وڏي وزير سان ملي تحفظ لاءِ کيس چيو، ٻئي طرف ان وقت جي ڪليڪٽر مسعود معرفت سنڌي هندن کي سنڌ ڇڏي وڃڻ جو اشارو ڏنو ويو ۽ آگسٽ کان نومبر تائين جي مهلت ڏئي، حڪومتي سطح تي لڏپلاڻ ۾ هندن جي مدد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اهڙيءَ ريت مجبور ٿي آزاديءَ جو هي اڏول سپاهي سنڌ مان ڊسمبر 1947ع ۾ لڏي بمبئي پهتو، جتي سرڪار کيس هڪ سئو والنٽيئرن سان ڊاڪس ڪئپٽن جو عهدو ڏنو، جيڪو هن اعزازي طور خوشيءَ سان قبول ڪيو. ان نوڪريءَ عيوض کيس 700 روپيا پگهار جي آڇ ڪئي وئي، پر هن وٺڻ کان انڪار ڪيو، بلڪه خدمت جي جذبي هيٺ سنڌ مان لڏي ايندڙ سنڌين جي بمبئي بندر تي چڱي خاطر ڪندو رهيو ۽ خدمت خلق ۾ مصروف رهيو. ڪئمپن ۾ ترسيل سنڌين کي روزگار سان لڳرائڻ، کين مالي مدد وٺي ڏيڻ، سندن تڪليفن دور ڪرڻ لاءِ هن هڙان وڙان وڏو ڪم ڪيو، کيس مڌيه پرديش ۾ ’رليف ڪاميٽيءَ‘ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، جتي به پگهار نه ورتائين، فقط مناسب ڀاڙي وٺڻ تي آماده ٿيو. هن ناگپور هندستان ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي ۽ اتي تعليمي ميدان ۾ پاڻ ملهايو. شاگردن جي اسڪالرشپن، يونيفارم ۽ مفت ڪتابن جي فراهميءَ لاءِ سندس خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن. سنڌي ليکڪن کي ڪتابن جي اشاعت ۾ مدد ڪرڻ کان ويندي، انهن جي نجي زندگيءَ ۾ مدد ڪرڻ ۾سدائين اڳرو رهيو.


لفظ دادا روچيرام ٿانواڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1916.08.08  عيسوي

تحريڪ آزاديءَ جو اڳواڻ، تعليمدان، امن جو پرچارڪ دادا روچيرام ٿانواڻي ولد سچانند ڦيرومل، 8 آگسٽ 1916ع تي هالاڻيءَ (اڳوڻي ضلعي نوابشاهه) ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امام بخش صابر
ذاڪر علي خان
سيد محمد مڪي رحه
سيد ناز لطيفي
ليار ملهه خاصخيلي
ڀڳت چنديرام
حڪيم فضل محمد
رتناگر شيرين
صوفي لعل بخش ڪانڌڙو
پير آف راڻيپور
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون